شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني

شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني : شيخ مبارڪ ريلي المعروف شيخ مبارڪ ناگوري بن شيخ خضر، سيوهڻ جو رهواسي هو. ان ڪري پاڻ کي سيوستاني سڏائيندو هو. شيخ موسيٰ، شيخ مبارڪ جو چوٿون ڏاڏو يمن مان لڏي اچي سيوستان جي علائقي ’ريل‘ ۾ مقيم ٿيو. هي نائين صدي هجريءَ جو واقعو آهي، شيخ خضر ڏهين صدي هجريءَ ڌاري سيوهڻ مان هجرت ڪري ناگور هليو ويو، جتي مخدوم جهانيان جي جاءِ نشين، شيخ بخاري اُچوي، شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌيءَ جو مريد ٿي ظاهري ۽ باطني علم ۽ فيض حاصل ڪري سنڌ موٽي آيو. سال 911هه/ 1505ع ۾ کيس شيخ مبارڪ نالي پٽ ڄائو. ننڍي هوندي ئي هن شيخ فياض بخاري ۽ شيخ عمر ٺٽويءَ جي ديني صحبت ۾ رهي مريديءَ جا ارشادات ورتا. هتان علمن ۾ ڪمال حاصل ڪري باقي ڏينهن آگره (اڪبر آباد) ۾ گهاريائين. مرحوم قانع ۽ ماثرالڪرام جو صاحب لکي ٿو ته پاڻ 950هه/ 1543ع ۾ آگره (اڪبر آباد) ۾ آيو ۽ گهٽ وڌ پنجاهه سال اتي رهي علمي حلقن کي وڏو فائدو رسايائين. پنج سو ضخيم جلد پنهنجي هٿ سان لکيائين. جڏهن آخري عمر ۾ سندس نظر ويهي رهي، تڏهن حافظي کان ڪم وٺي لکائيندو هو. اهڙيءَ طرح چار جلد بنام ’منبع عيون المعاني‘ سندس ان خداداد صلاحيت تي شاهدي ڏين ٿا. پاڻ آگري ۾ 17 ذي القعد 1001هه/ 1992ع ۾ وفات ڪيائين، کيس ٻه پٽ شيخ ابوالفيض فيضي ۽ شيخ ابوالفضل هئا، جيڪي اڪبري درٻار جا روشن رتن بنيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو